تاريخ بلوچي

تاريخ بلوچي

تاريخ بلوچي

تاريخ بلوچي (ڪتاب ):هي ڪتاب فارسي نظم ۽ نثر ۾ عبدالمجيد جوکيي بکريءَ جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ ڪلهوڙن جي زوال ۽ ٽالپرن جي ڪمال جو ذڪر آهي. هن ڪتاب جو مصنف عبدالمجيد جوکيو آهي، جيڪو هڪ عالم ۽ استاد هو. هن ”تاريخ بلوچي“ فارسي نثر ۽ نظم ۾ گڏي لکي آهي. هن ڪتاب ۾ جيڪي واقعا نظم ۾ بيان ڪيا ويا آهن، تن مان ڪن ۾ پنهنجو سڄو نالو ”عبدالمجيد“ ۽ ڪن ۾ پنهنجو تخلص ”مجيدي“ ڪم آندو اٿس. قطعه تاريخون لکڻ ۾ کيس وڏي مهارت حاصل هئي. مصنف هن ڪتاب ۾ ديباچي کان پوءِ فاتح سنڌ مير فتح علي خان ٽالپر جي شان ۾ هڪ قصيدو چيو آهي. ان کان پوءِ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي حڪومت جي بيان سان گڏ ميان غلام شاهه جي وفات تي قطعه تاريخ پڻ چيل آهي. ميان سرفراز جي حڪومت جي بيان سان گڏ مير بهرام خان ۽ مير صوبدار خان جي شهادت جو ذڪر پڻ آهي. ان کانسواءِ هڪ باب حڪومت ميان خان محمد ڪلهوڙو، مير بجار خان جي حج تان واپسي، حڪومت ميان عبدالنبي، وفات راڄو ليکي، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي ۽ مير بجار جي ملاقات، لانياريءَ واري جنگ ۽ ميان غلام نبي جي قتل، محمد سرفراز کي ڀاءُ، پٽ ۽ نوڪر سميت عبدالنبي جو قتل ڪرائڻ، ميان عبدالنبي جي حڪومت، عزت يار خان سان جنگ، تاريخ تعمير قلعه مير ڳڙهه، مير بجار خان جي شهادت، قلعه کانجيءَ جي جنگ، اميران سنڌ جي شهادت، هالاڻيءَ جي جنگ لاءِ تيار ٿيڻ، هالاڻيءَ جي جنگ ۾ ٽالپرن جي فتح، مير فتح علي خان جي حڪومت ۽ وفات، مير غلام علي خان جي حڪومت، مير ٺاري سان جنگ ۽ شاهه شجاع جو سنڌ ۾ اچڻ پڻ شامل آهن. ’تاريخ بلوچي‘ جو مسودو اصل فارسيءَ ۾ قلمي صورت ۾ محمد عابد نالي ڪاتب جو لکيل آهي، ان هي مسودو 19 رجب 1269هه (28 اپريل 1853ع) ۾ نقل ڪيو آهي، جنهن تان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ سيد خضر نوشاهيءَ ترتيب ڏئي شايع ڪرايو. مصنف، مير علي شير قانع ۽ سيد عظيم الدين ٺٽويءَ جو همعصر آهي.
سيد خضر نوشاهيءَ هن ڪتاب جي نظم ۽ نثر جي متن جو فارسيءَ مان اردو ترجمو به ڪيو آهي. هن پڪي جلد ۽ ڊيمي سائيز ڪتاب ۾ 200 صفحا آهن ۽ ان جي قيمت 200 روپيا آهي. هي ڪتاب ڪلهوڙا سيمينار ڪميٽي، ڪراچيءَ پاران 1996ع ۾ شايع ٿيو.


لفظ تاريخ بلوچيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو